Monday, August 8, 2016

پکي پرديس جا سورج ، پرن پويان لڙي ٿو پيو....



Hassan Dars

 


 

پکي پرديس جا سورج ، پرن پويان لڙي ٿو پيو
ورڙ ان واٽ تي ويٺل ، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو

لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون ، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون
اسانکي عشق سارين جيئن، ڇنڊي ڦوڪي ڇڻي ٿو پوي

عمر جي آڱرين مان ڏس ، ڦولن وانگي ڇڻو ٿا پيا
سڄڻ سگريٽ سستي جيئن، سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو

پراڻو عشق پوڙهي جيئن ،وڄت نڙ ڦوڪ ما نڪتو
ملڻ هي مير محمد جو ، جوانين کي جڙي ٿو پيو

اوهان مرڪي ملي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن
اسان جي ڳالهه جي ڳل تان ، اڃان ڳوڙهو ڳڙهي ٿو

وطن ۾ بي وطن ، معشوق عاشق جو ملڻ ڪهڙو

زمانو زور تي تڙ تان ، تماچين کي تڙي ٿو پيو

No comments:

Post a Comment

Song exposes hypocrisy of the world to the REALITY in Palestine

 This Egyptian song is a masterpiece of resistance and hope, weaving together powerful lyrics, haunting melodies, and a stunning visual mont...