Tuesday, January 29, 2019

ڪا سارَ ته لهبي آ ..... تبسم


سڪ سوز ۾ دل ساڙي
محبت جا ڪي مچ ٻاري
ڪا سارَ ته لهبي آ

ڌوڻيو ٿا وڻ ناهيان
ساڙيو ٿا پهڻ ناهيان
جندڙي کي جهونجهاڙي
ڪا سارَ ته لهبي آ

دل واري عجوبي کي
ڪنهن عيد جي تحفي کي
الماريءَ ۾ ٽاري
ڪا سارَ ته لهبي آ

ڪوئيل ٿي ڪوڪاري
تبسم ٿو توکي ساري
ڪنهن شام شفق ڌاري
ڪا سارَ ته لهبي آ

Song exposes hypocrisy of the world to the REALITY in Palestine

 This Egyptian song is a masterpiece of resistance and hope, weaving together powerful lyrics, haunting melodies, and a stunning visual mont...