Monday, August 8, 2016

پکي پرديس جا سورج ، پرن پويان لڙي ٿو پيو....



Hassan Dars

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا


شيخ اياز

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
تون اڃا ٿو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا!

اوچتو مون ڏٺو اُڀُ آسائتو،
رات ڪاري هُئي ڏِيئڙا ڏِيئڙا!

مون نه ڄاتو ته اي سجّ جهڙا پرين!
روز پاتا پئي تو لِڪي ليئڙا!

آءُ منهنجي تڏي، ويههُ اوري اڏي،
ساههُ توکي سڏي، اوءِ سانگيئڙا!

ڇو اياز اڄ وري ڇانوَ ڳولهين پيو؟
پنڌ ڏاڍو پري آهي پانڌيئڙا!

Friday, July 15, 2016

هڪ مند چري آهي--ابراهيم منشي


 ابراهيم منشي











هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ،ڀاڳن جي ڀري آهي،

ڏس ڪهڙو ڏکڻ گھليو ٿيا ماڪ ڦڙا موتي
۽ويس وڻن ڍڪيو ،پن پنهنجا ڪري پوتي
وري آ تو ورائڻ لاءِ واهوندي وري آهي...

ڏس سنگ هو سارين جا، ڪيئن ڪنڌ نمائن ٿا
۽ هير هلورن تي ڇا ،ساز سڻائن ٿا
ڄڻ سهڻي سنڌو مان ،آئي تا تري آهي.!

مايا نه مڏي مون وٽ، ماڙيون نه ڪي محلاتون
سائو ويس ڍڪيو ڌرتي ،وٺيون ٿر بر برساتيون
اڏي تو لاءِ اسان پيارا ،پکڙي جي ڏري آهي ... اهڙي ۾ ...

ڇا اڀ ڇمر ڇايو، رت ائي بسنتي آ
جٽ جوڙ ٿيا جوڀن ، هر من ۾ مستي آ
هر ڪنهن سان هتي منشي ، پنهنجي حور پري آهي.....

Song exposes hypocrisy of the world to the REALITY in Palestine

 This Egyptian song is a masterpiece of resistance and hope, weaving together powerful lyrics, haunting melodies, and a stunning visual mont...