Monday, August 8, 2016

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا


شيخ اياز

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
تون اڃا ٿو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا!

اوچتو مون ڏٺو اُڀُ آسائتو،
رات ڪاري هُئي ڏِيئڙا ڏِيئڙا!

مون نه ڄاتو ته اي سجّ جهڙا پرين!
روز پاتا پئي تو لِڪي ليئڙا!

آءُ منهنجي تڏي، ويههُ اوري اڏي،
ساههُ توکي سڏي، اوءِ سانگيئڙا!

ڇو اياز اڄ وري ڇانوَ ڳولهين پيو؟
پنڌ ڏاڍو پري آهي پانڌيئڙا!

No comments:

Post a Comment

Construction of Six Canals on Indus River System - Understanding the Issues

Issue at Hand The construction of six canals on the Indus River system is a matter of grave concern, particularly for Sindh, Balochistan, an...