Tuesday, April 9, 2019

جنت






جنت جو خيال به عجيب آهي.







لاتعداد نعمتون، جن کي دنيا ۾ تَرڪ ڪبو ته آخرت ۾ جهجيون ٿي ملنديون
بکَ دنيا ۾، طعام جنت ۾
ڏکُ دنيا ۾، سُک جنت ۾
سِڪَ دنيا ۾، ميلاپ جنت ۾
غم دنيا ۾، خوشي جنت ۾
ڪم دنيا ۾، اُجورو جنت ۾،
هر طرف اها دعوٰي آهي ته 
اسين آزمائيش ۾ آهيون
(لڳي ٿو ڪنهنجي فرمائيش تي آهيون)
چون ٿا ته دنيا دوکو آهي، ڪوڙ آهي، آزمائيش آهي. 
پڇان ٿو ته 
اهو دوکو ڏنو ڪنهن؟
اهو ڪوڙ ڳالهايو ڪنهن؟
اها آزمائيش ڇاجي؟ ۽ آزمئيش ۾ وڌو ڪنهن؟
اسان سان اهو کيل ڇو آهي؟
جيئڻ هي ويلُ ڇو آهي؟
او پاڻ کي خدا جا نائيب سمجهندڙ مُلا،
اسان کي ڇڏي ڏيو،
نه کپي جاءِ جنت ۾
نه ڏيو دوزخ جا دڙڪا،
تو بن نٿو لڳي ڪو شيطان 
رهڻ ڏيو اسان کي انسان
ڇڏيو ڪاروبار ڪوڙو
وٺو محنت سان اجُورو
ان خوابي دوزخ ۽ جنت کان مٿي 
پري 
حقيقي
سورُ ڏيندڙ 
پيار ڏيندڙ
اُسَ ڏيندڙ
ڇانوَ ڏيندڙ
مهنجهي دنيا آهي
حقيقي دوزخ 
۽ 
حقيقي جنت

(جيم)

مڃان ٿو مان غلط آهيان


مڃان ٿو مان غلط آهيان
اوهان سان پيار جي غلطي
ٻي ٿي اظهار جي غلطي
پوءِ وري سارَ جي غلطي 
مڃان ٿو مان غلط آهيان

غلط هو دل چيو مونکي 
غلط اکڙين روئاڙيو هو
غلط سوچيم غلط سمجهيم 
غلط سارو نظارو هو
مڃان ٿو مان غلط آهيان

غلط هن دئورَ ڄاواسين
غلط محبوب ٺاهياسين
غلط هو فلسفو سارو
غلط سڀ پنڌَ ڪاٽياسين
مڃان ٿو مان غلط آهيان

@js

خدا جي سيل [sale]



خدا جي سيل جاري آ
ڪِنو هي کيل جاري آ
اهو مُلو، اهو پنڊتُ
ايمان سان ويلُ جاري آ
خدا جي سل جاري آ

js@


Song exposes hypocrisy of the world to the REALITY in Palestine

 This Egyptian song is a masterpiece of resistance and hope, weaving together powerful lyrics, haunting melodies, and a stunning visual mont...