Thursday, October 24, 2013

هِنَ جنم هُنَ جنم ....... اسحاق تنيو

هِنَ جنم، هُنَ جنم لاءِ وچن ٿو ڪيان،
مان جتي ڀي هجان، سنڌ تنهنجو هجان!

ڪين ڪوسو لڳي واءُ توکي ڪڏهن،
تنهنجا دشمن ڏسان، ڪنڌ تن جا ڪپيان!

جنگ جوٽي آ جن سنڌ جي سورمن،
بيت، وايون، غزال، گيت تن لاءِ لکان!

 تنهنجي کيتن مان خوشبو ايندي رهي،
انب لايون لئيون، سڀ مان سايون ڏسان!

شاهـ سامي سچل، جنهن لاءِ دعاڳو اسحاق،
تنهنجو ٿر بر وسي، سائو ٿئي ڪوهستان!

هِنَ جنم، هُنَ جنم لاءِ وچن ٿو ڪيان،
مان جتي ڀي هجان، سنڌ تنهنجو هجان!


No comments:

Post a Comment

Song exposes hypocrisy of the world to the REALITY in Palestine

 This Egyptian song is a masterpiece of resistance and hope, weaving together powerful lyrics, haunting melodies, and a stunning visual mont...