Tuesday, October 22, 2013

ٻي خبر ناهي.......... شيخ اياز



ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوِ، توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
جان ۾ جان رهي منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون
زندگي تلخ آ، هجي تـ هجي. روح ۾ سو ملاهتون رهنديون
سرحدِ غم قريب آ اي دوست، ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون
تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيسيتائين دوست، ابن آدم جون جنتون رهنديون

No comments:

Post a Comment

Construction of Six Canals on Indus River System - Understanding the Issues

Issue at Hand The construction of six canals on the Indus River system is a matter of grave concern, particularly for Sindh, Balochistan, an...