مان جتي ڀي هجان، سنڌ تنهنجو هجان!
ڪين ڪوسو لڳي
واءُ توکي ڪڏهن،
تنهنجا دشمن
ڏسان، ڪنڌ تن جا ڪپيان!
جنگ جوٽي آ جن
سنڌ جي سورمن،
بيت، وايون،
غزال، گيت تن لاءِ لکان!
تنهنجي کيتن
مان خوشبو ايندي رهي،
انب لايون
لئيون، سڀ مان سايون ڏسان!
شاهـ سامي سچل،
جنهن لاءِ دعاڳو اسحاق،
تنهنجو ٿر بر
وسي، سائو ٿئي ڪوهستان!
هِنَ جنم، هُنَ جنم لاءِ وچن ٿو ڪيان،
مان جتي ڀي هجان، سنڌ تنهنجو هجان!